نه ڀارت نه پاڪستان! طارق رحمان لاءِ سڀ کان پهرين بنگلاديش

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي امڪاني وزيراعظم طارق رحمان چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ۾ سڀ کان پهرين بنگلاديش ئي آهي . ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه طارق رحمان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ملڪ ۽ عوام جي مفادن کي بنگلاديش جي پرڏيهي پاليسي ۾ هر شيءِ تي ترجيح ڏني ويندي. پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾، جڏهن بنگلاديش-ڀارت لاڳاپن تي بحث ڪيو ويو، بي اين پي سربراهه چيو ته بنگلاديش ۽ ان جي عوام جا مفاد اسان جي پرڏيهي پاليسي جو تعين ڪندا. طارق رحمان چيو ته ملڪ جي آزادي ۽ جمهوري ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي کي فتح ڏياري آهي. هن شروعات ۾ انگريزي ۾ ۽ بعد ۾ بنگلا زبان ۾ ڳالهايو.بي اين پي جي سينئر اڳواڻ امير خسرو محمود چوڌري چيو ته حڪومت بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هڪ گهڻ طرفي طريقو اختيار ڪندي ۽ ڪنهن هڪ ملڪ تي ڌيان ڏيڻ واري پاليسي اختيار نه ڪندي. طارق رحمان جي بنگلاديش فرسٽ پاليسي جو مقصد پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ هندستان، چين ۽ پاڪستان سان لاڳاپن ۾ توازن قائم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.