ڪراچي(عوامي آواز نيوز)صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري ۽ عمران خان جي جيل ياترا جي ڀيٽ ڪندي لکيو آهي ته آصف علي زرداري هر ڪيس جيل مان عدالتن تائين وڙهيو. هن پنهنجي مفادن لاءِ ملڪ کي نه ساڙيو،. آمريڪي، ڀارتي ۽ اسرائيلي ڪمپنين کي اينٽي-اسٽيٽ پروپيگنڊا لاءِ نه ڀرتي ڪيو. مان ڇهه سالن جي هئس جڏهن مون پنهنجي والد کي ڏٺو ۽ تقريباً نوجوان ٿي وئي هئس جڏهن ملاقات جي اجازت ملي. اڄ اهي فون ڪالن لاءِ روئي رهيا آهن،هن وڌيڪ لکيو ته منهنجا والدين شادي شده هئا ۽ عدالت ذريعي ملاقاتون ڪندا هئا،عمران خان وانگر نه هئا جنهن عدت پوري ٿيڻ کان بغير هڪ طلاق يافته عورت سان شادي ڪئي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري مرحوم صحافي ضيا شاهد جي هڪ پراڻي ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته مان هڪ ڀيرو سينئر سياستدان سان ملڻ جيل ويس ته خبر پئي ته هو اسپتال ۾ آهن، اسپتال ويس ته هو اسپتال سان لڳندڙ هڪ ڪوٺي ۾ رهندو هو جتي هڪ اداڪارا ساڻس گڏ هئي،سوشل ميڊيا صارف مليحه هاشمي به پوسٽ ۾ مرحوم صحافي ضيا شاهد سان منسوب هڪ بيان شيئر ڪيو آهي، پتو ته لڳي ويو هوندو ته ڪهڙي شخص جي ڳالهه ٿي رهي آهي.”مليڪه بخاري بختاور کي مخاطب ٿيندي لکيو ته توهان جي ماءُ، محترمه شهيد، وڏي ايماندار عورت هئي. اسلامي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم طور، سندس ورثو ۽ ڪاميابيون سياسي فرقن کان بالاتر سڀني طرفان عزت جوڳيون آهن. سندس شخصيت کي بدنام ڪرڻ ڪنهن به سطح تي ناقابل قبول آهي،اڳوڻي صوبائي وزير بشارت راجا لکيو ته بي اختيار ۽ غير مقبول پيءُ جي ڌيءَ به پاڻ کي اهم ظاهر ڪرڻ لاءِ اهڙا ٽوئيٽ ڪري رهي آهي،صحافي عائشه علي ڀٽه لکيو ته “بينظير ڀٽو پهرين مسلمان وزيراعظم بڻجڻ جي باوجود سياسي ميدان ۾ هميشه نوازشريف ۽ نون ليگ جي اڳواڻن پاران شخصيت کي بدنام ڪرڻ جو نشانو بڻيل رهي،بينظير ڀٽو جي سياست سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر هوءَ هڪ باوقار عورت هئي جيڪا ڳالهائڻ جو هنر ڄاڻيندي هئي،سبين ڪاظمي صدر زرداري جي بيان تي تنقيد ڪندي لکيو ته زرداري اسٽيبلشمينٽ جي اينٽ سان اينٽ وڄائڻ واري بيان کانپوءِ ملڪ کان ڀڄي ويو هو. هن کي جڏهن به عدالت جو نوٽيس ملي ٿو ته سندس وِهيل چيئر ٻاهر اچي ٿي. صحافي عامر خاڪواڻي صدر زرداري جي بيان تي تنقيد ڪندي لکيو ته صدرزرداري هڪ تمام ڪمزور، هلڪو ۽ افسوسناڪ بيان ڏنو، جنهن ۾ هن عمران خان جي بيماري تي ٽوڪ ڪئي ۽ پنهنجي بهادري جا ڳيت ڳايا. زرداري ڊگهي قيد ضرور ڪٽي، پر جيل بدران اسپتال جي پَر تعيش ڪمرن ۾ گذري، زرداري جيل ۾ زبان ڪاٽڻ جو الزام راڻا مقبول تي هنيو هو،اهو به ياد رکو، اسان جا سياستدان ڪڏهن سکندا؟ صحافي ظفر نقوي لکيو ته حضور، توهان جو ڇا خيال آهي، زرداري اهو بيان بي ڄاڻي واڻي ڏنو؟. جيستائين هن کي خوش فهمي هئي ته هوتحريڪ انصاف جو خال پورو ڪندا پر جيئن ئي هوائن جو رخ تبديل ٿيو زرداري جو موڊ به تبديل ٿي ويو،محمد ذيشان لکيو ته اهڙي بهادري ۽ جيلن جو ڪهڙو فائدو؟ جڏهن آخري عمر ۾ تاحيات ڇوٽ ئي وٺڻي هئي؟