مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، ارمغان کي ذهني مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر) جيل ڪمپليس ۾ دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مرڪزي جوابدار امغان جي ماءُ پاران جوابدار جي نفسياتي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ بابت درخواست ڏني وئي، درخواست گذار فريادي جي وڪيل چيو ته ارمغان کي ذهني طور تي بيمار قرار ڏئي ٽرائل کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ماضيءَ ۾ ارمغان خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪنهن به پراڻي ڪيس ۾ اهڙي درخواست نه ڏني وئي، جوابدار ارمغان جي ذهني حالت بابت ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو، سول اسپتال جي نفسيات دان ايف آءِ اي جي  حراست ۾ معائني کان پوءِ کيس نارمل قرار ڏنو هو، عدالت ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ جي درخواست تي ڌرين کان دليل طلب ڪيا آهن، عدالت جوابدارن ارمغان ۽ شيراز خلاف فرد جرم جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، جوابدارن کي پيش ڪرڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، عدالت استغاثه کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شريڪ جوابدار شيراز جي ضمانت جي درخواست تي دليل پڻ طلب ڪري ورتو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.