اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 فيبروري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب، پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 39 پيسا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگھي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا 40 پيسا في ليٽر مهانگو ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل 6 رپيا 55 پيسا في ليٽر تائين وڌي سگھي ٿو.
انڊسٽري ذريعن موجب، گاسليٽ جي قيمت ۾ به 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار بابت حتمي فيصلو اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت طرفان وزيراعظم سان صلاح مشورو کانپوءِ ڪيو ويندو.