اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا معطلي ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري عمران خان جي ضمانت تي آزادي جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي.
ان کانسواءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ وارو ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي متفرق درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ساڄي اک جي هڪ سنگين بيماري ۾ مبتلا آهن، اک جي بيماري جي نشاندهي پمز اسپتال جي ڊاڪٽر محمد عارف ڪئي، ڊاڪٽر قرار ڏنو ته درخواستگذار جي ساڄي اک سخت متاثر ٿي چڪي آهي.
ضمانت تي آزادي واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بيماري جي نتيجي ۾ عمران خان جي ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو رهجي وئي آهي، هن بيماري جو علاج جيل اندر ممڪن ناهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي عمر 73 سال آهي، عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن.
ٻئي پاسي صحافين طرفان سلمان صفدر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا عمران خان پاڻ چيو يا ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نظر ڪمزور ٿي رهي آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته منهنجي رپورٽ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا سمجهه ۾ نه اچي، پي ٽي آءِ باني مون کي ٻڌايو ته کيس پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻڌايو هو.
بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته عمران خان ٻڌايو هو ته پمز جي ڊاڪٽرن معائني کانپوءِ کيس ٻڌايو ته سندس 85 سيڪڙو نظر ختم ٿي چڪي آهي.