ڪراچي (رپورٽر) ڇا عمران خان ٻاهرين ملڪ هليو ويندو، ان بابت سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي متحده عرب امارات موڪلڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ محمد علي دراني چيو ته هن وقت حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو واري اصول تحت معاملا هلي رهيا آهن، جنهن ۾ نواز شريف سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس طرفان راڻا ثناءُ الله به هن سلسلي ۾ مثبت سياسي ڪردار نڀائي رهيو آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب دوران زرداري صاحب کي چيو هو ته هو مفاهمت لاءِ ڪردار ادا ڪن، جنهن کان پوءِ زرداري صاحب خاموشي سان اهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي نواز شريف اپوزيشن کي گڏ کڻي سياسي مفاهمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، محمد علي دراني موجب صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سياسي مفاهمت لاءِ پنهنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر به نظر اچڻ لڳا آهن، هن چيو ته علاج جي معاملي ۾ حڪومتي رويو مناسب نه رهيو آهي. زرداري صاحب پنهنجي قيد جو وڏو حصو اسپتالن ۾ گذاريو، جڏهن ته نواز شريف به اهڙي صورتحال مان گذري چڪو آهي. عمران خان جي اک ۽ صحت بابت ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، عدالتي عمل سبب موجوده صورتحال ۾ تبديلي جي گنجائش پيدا ٿي آهي ۽ صحت ۽ علاج بابت نرمي رکڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، محمد علي دراني چيو ته محمود اچڪزئي ۽ نواز شريف جو پراڻو تعلق آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر محمود اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ تيار نه هئا، پر نواز شريف ان جي مقرري کي يقيني بڻايو، محمود اچڪزئي جي پهرين ڪاميابي پاڻ کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرائڻ ۽ ٻي ڪاميابي ان عهدي تي مقرر ٿيڻ هئي، جيڪا نواز شريف جي سرگرم مدد کانسواءِ ممڪن نه هئي، موجوده اپوزيشن ليڊر جو نواز شريف سان مڪمل رابطو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جيستائين جيل ۾ رهندو، حڪمران جماعتن جي سياست جو گراف هيٺ ويندو ۽ عمران خان جي مقبوليت وڌندي رهندي، اها حقيقت صدر زرداري ۽ نواز شريف به محسوس ڪري چڪا آهن، هن چيو ته هو شروعات کان حڪومت ۽ اپوزيشن کي چوندو آيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ نه گهليو وڃي ۽ پي ٽي آءِ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪري.
پي ٽي آءِ سميت وڏين سياسي پارٽين تي ٻڌل قومي حڪومت جو امڪان؟
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) صحافي ۽ تجزئي نگار سهيل وڙائچ موجب، ملڪ ۾ ايندڙ ٽن سالن لاءِ قومي حڪومت جي قيام جو امڪان آهي. اها حڪومت موجوده اتحادي پارٽين ۽ تحريڪ انصاف سميت ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين تي ٻڌل هوندي ۽ ان جو مقصد ملڪي سڌارن ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ هوندو. هن وقت سڪيورٽي سياسي صورتحال جي حوالي سان موجوده وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي فوري طور ڪو خطرو ناهي پر ايندڙ ٻن کان ٽن سالن کانپوءِ قومي حڪومت جي قيام جو امڪان وڌي سگهي ٿو. هن تجويز سان ملڪي سياسي ڇڪتاڻ گهٽجندي ۽ معاشي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو.