ميرپورخاص(رپورٽ: غفاررند) ميرپورخاص ۾ تعليمي بورڊ اندر مبينا ڪرپشن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي سنگين انڪشافن بعد معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، جتي گرفتار جوابدار علي رضا رند عدالت ۾ پيش ٿيڻ موقعي تي اهم بيان ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته بورڊ اندر فلڪ شير ۽ ڪنٽرولر انور عليم جو منظم نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو هو. علي رضا رند موجب ايجنٽن جو ڄار وڇايل هو جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان سڌي رابطي ۾ رهي پئسن عيوض نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرائيندا هئا، فيل اميدوارن کي پاس ڪرايو ويندو هو ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا هئا، هن وڌيڪ چيو ته بورڊ ۾ نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا چار سيزن هلن ٿا، جن مان نائين ۽ ڏهين جماعت جي نتيجن ۾ 30 کان 40 هزار رپين عيوض نمبر وڌايا ويندا هئا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين ۾ 60 هزار کان هڪ لک رپين تائين رقم وٺي گريڊ تبديل ڪيا ويندا هئا، ميڊيڪل جي شاگردن کان ٻه لک رپيا تائين وصول ڪيا ويندا هئا، جوابدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته 5 کان 10 لک رپين عيوض ميٽرڪ ۽ انٽر جا مڪمل جعلي سرٽيفڪيٽ تيار ڪيا ويندا هئا ۽ ڪجهه اهڙا اسڪول به رکيل هئا جتي انهن سرٽيفڪيٽن جي ويئريفڪيشن لاءِ رڪارڊ موجود رکيو ويندو هو، علي رضا رند الزام هنيو ته ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ، رهائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالو داخل ڪرائڻ تائين سهولت فراهم ڪئي ويندي هئي ۽ ڪيترن پرڏيهي نوڪري جا خواهشمند ماڻهن پڻ هتان ڊگريون حاصل ڪيون، هن اها به دعويٰ ڪئي ته ڪيترن افغاني شهرين کي مبينا طور جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري شهريت قانوني بڻائڻ ۾ سهولت ڏني وئي، جوابدار موجب فلڪ شير، انور عليم ۽ سندن ايجنٽ اهڙن سرٽيفڪيٽن جي تصديق جي ذميواري پڻ پاڻ کڻندا هئا، ياد رهي ته علي رضا رند جي بيانن کان پوءِ فلڪ شير ۽ عمران ملڪ مبينا طور روپوش ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکيون ويٺي آهي.