سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جو ابراهيم ڳوٺ ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ نارٿ ڪراچي ۾ ابراهيم ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي  ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ ابراهيم ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڳوٺ 70 سال پراڻو آهي ۽ ڪي ڊي اي رهواسين کي گهر خالي ڪرائڻ جا نوٽيس موڪلي چڪي آهي، عدالت تبصرو ڪيو ته ان سان لاڳاپيل ٻيون درخواستون پڻ ٻڌڻي هيٺ آهن، درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته عدالت اڳ ۾ ئي ان بابت حڪم جاري ڪري چڪي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ڊي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ۽ ڪي ڊي اي کي حڪم ڏنو ته رهواسين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.