ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ زال مڙس ۽ سندس پٽ قتل ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته بلديه ٽائون مشرف ڪالوني بسم الله ٽائون ۾ هڪ گهر ۾ فائرنگ ڪري پيرسن زال مڙس ۽ سندن نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول عابد علي جي ڀيڻ نسبتي زخمي ٿي پئي، تفصيل موجب مقتول عابد علي جي نوجوان ڌيءَ هڪ ڏينهن کان گم هئي، جنهن تي عابد علي کي شڪ هو ته سندس ڌيءَ کي دانش وٺي ويو آهي، عابد علي جا ٻئي سنڍو دانش ۽ قدير پنهنجي زالن سان گڏ عابد علي جي گهر ڳالهه ٻولهه لاءِ آيا هئا، صبح جي وقت دانش ٻيهر موٽر سائيڪل تي اچي عابد علي جي گهر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ 60 ورهين جو عابد علي، 50 ورهين جي زال مريم ۽ 20 ورهين جو پٽ زوهيب قتل ٿي ويا، جڏهن ته 35 ورهين جي فاطمه (قدير جي زال) زخمي ٿي، زخمي فاطمه ٻڌايو ته دانش، عابد علي جي گهر ۾ گهڙي ڪري حملو ڪيو، پوليس زخمي عورت جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، سول اسپتال ۾ مقتول عابد علي جي هڪ مائٽ سليم ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿيل فاطمه موجب دانش گهر ۾ گهڙي حملو ڪري ڏنو، مقتول عابد جي ڌيءَ دانش وٽ آهي، ڌيءَ جي معاملي تي عابد ۽ دانش ۾ تڪرار هلي رهيو هو، دانش رات جو دير سان آيو هو ۽ صبح جو فائرنگ جو واقعو پيش آيو.