اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ انهن تنظيمن جي سهولتڪارن خلاف حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي. قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي آءِ جيز پوليس شرڪت ڪئي ۽ انهن اجلاس کي صوبن ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي جي امڪان تي به غور ڪيو ويو.ذريعن موجب، پابندي مڙهيل تنظيمن جي سليپر سيلز خلاف آپريشن جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا جاري آهن ۽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ تازين ڌماڪن کان پوءِ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ تي به بحث ڪيو ويو.