سکر ۾اسڪول اڳيان نينگري گٽر ۾ ڪري پئي، پرنسپل جي پٽ جو ٻارڙي جي والد تي تشدد

سکر (رپورٽر)سکر شهر ۾ واقع هڪ خانگي رهائشي سوسائٽي اندر قائم اسڪول ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ ننڍڙي نينگري مبينه طور کليل گٽر ۾ ڪري پئي هئي، ذريعن موجب واقعي  کان پوءِ اسڪول عملي ۽ موجود ماڻهن فوري طور نينگري کي گٽر مان ڪڍي بچائي ورتو نينگري معمولي زخمي ٿي پئي، جنهن بعد کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي، واقعي جي خبر پوڻ تي نينگري جو والد اسڪول پهتو ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سندس ڌيءَ جي گٽر ۾ ڪرڻ واري جيڪا وڊيو بڻائي وئي آهي کيس اها ڏني وڃي اسڪول انتظاميا مبينه طور جواب ڏنو ته وڊيو ڏيڻ سندن ضابطن ۾ شامل ناهي ان ڳالهه تان تڪرار وڌي ويو ۽ معاملو هٿا پائي تائين پهچي ويو نينگريءَ جي والد الزام هڻندي چيو آهي ته پرنسپل جي پٽ اسڪول جي آفيس اندر نينگري جي والد تي تشدد ڪيو آهي واقعي کان پوءِ متاثر والد پوليس کي اطلاع ڏني جنهن تي پوليس فوري طور پهچي پرنسپل جي پٽ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي شهرين ۽ والدين اسڪول اندر حفاظتي انتظامن جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ کليل گٽر ٽٽل ڍڪ ۽ ٻين خطري وارن هنڌن کي فوري طور محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچي سگهن، ٻئي پاسي سکر ٽائون شپ ۾ قائم پرائيويٽ اسڪول ۾ هڪ نينگري جي گٽر ۾ ڪري پوڻ واري معاملي جو اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر بشريٰ منصور نوٽيس ورتو، تدريسي وقت دوران صفائي سٿرائي جا ڪم نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي، اسسٽنٽ ڪمشنر بشريٰ منصور گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي کانپوءِ پاڻ اسڪول پهتي، جتي هنن انتظاميه کان واقعي بابت تفصيل حاصل ڪيا ۽ واش رومز ڀرسان موجود کليل گٽرن جو معائنو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.