صدر حڪومت جون موڪليل سمريون روڪي ڇڏيون، اجلاس دوران خدشا ظاهر

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جي وچ ۾ اهم اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري ڪجهه قانونسازي تي تحفظات ظاهر ڪيا. اجلاس صدر جي صدارت هيٺ ۽ وفدن جي سطح تي ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم، راڻا ثناءُالله ۽ شيري رحمان سميت ٻيا به موجود هئا. ذريعن موجب صدر زرداري خاص طور تي آئيني ترميم تي ناراض نظر آيو، ۽ قانونسازي  اڳواٽ مشاورت کان سواءِ اڳتي وڌائڻ تي اعتراض ڪيو. وڊيوز ۾ صدر کي سخت ڳالهائيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته ماڻهن چيو ته اڪثر هو مرڪندي نظر ايندو آهي، پر هن ڀيري ڳالهائيندي کيس سخت رد عمل ۾ ڏٺو ويو. حڪومت طرفان ڪيترائي قانون پيش ڪيا ويا آهن جن تي صحيحون اڃا تائين نه ٿيون، ۽ آفيس کي وقت ڏيڻ کان سواءِ جلدي صحيح ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. خاص طور تي 28هين آئيني ترميم تي ميڊيا تي اڳواٽ بيانن سبب صدر کي خدشو آهي ته اهم پارٽين سان صلاح مشورو نه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اتحادي جماعتن کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. اهو تاثر ڏنو ويو ته صدر جي آفيس رسمي آهي پر ايتري به رسمي ناهي جو قانونسازي پڙهڻ کانسواءِ صحيح ڪئي وڃي، ان جو باقاعده هڪ شعبو آهي ۽ ان تي صلاح مشورا ٿيندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.