راڄوخاناڻي(رپورٽ امداد علي نظاماڻي) راڄوخاناڻي ڀرسان ٻھرو صاحب خان لغاري وٽ ڳوٺ سومجي ڪولھي ۾ جمعي تي ٿيندڙ ڀيڻ جي شادي جي تيارين جي سلسلي ۾ رات دير تائين ھلندڙ فنڪشن کان پوءِ جڏهن سمورا گھر ڀاتي سمھي رھيا ته پريم ڪولھي پٽ ھونو ڪولھي پنهنجي 22 سالا زال لڇمي ڪولھي کي ڪمري اندر گھٽا ڏئي مارڻ بعد پاڻ به گھرن جي ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي پنھنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. گھر ۾ ھڪ ئي وقت ٻه لاش ملڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن پاران راڄوخاناڻي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. راڄوخاناڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايا جتي ٻنھي لاشن جو ڌار ڌار پوسٽ مارٽم ڪيو ويو۽ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ھيون جنھن کان پوء ٻنھي جا مڙھ سندن مائٽن جي حوالي ڪيا ويا. ٻنھي جا مڙھ ڳوٺ سومجي ڪولھي پھتا ته ڪھرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو تہ وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان پريم ڪولھي جو دماغي توازن درست نه ھو جنھن لاءِ سندس علاج پڻ هلندڙ هو جڏهن ته جمعي جي ڏينهن سندن گھر ۾ ڀيڻ جي ڄڃ اچڻي هئي ۽ سندن گھر ۾ گذريل رات دير تائين فنڪشن ھلندڙ ھو ۽ اٽڪل رات جو 3 وڳي ڌاري فنڪشن ختم ٿيڻ بعد جڏهن سڀ گھر ڀاتي سمھي رھيا ته پريم ڪولھي پنهنجي زال لڇمي ڪولھي کي گھٽا ڏئي مارڻ بعد پاڻ به گھرن جي ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. فوتي پريم ڪولھي کي ھڪ معصوم پٽ جو اولاد پڻ آھي واقعي واري ھنڌ ڊي ايس پي پير شبير حيدر پھچي واقعي جا تفصيل ورتا ۽ فوتين جي عزيزن ۽ ڳوٺاڻن کان ٿيل واقعي بابت بيان پڻ ورتا .