ھڱورجا (ن ع آ) ھڱورجا ۾ نافرمان پٽ گھرو اڻبڻت سبب فائرنگ ڪري پنھنجي امڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شھر جي مڇر چوڪ پاڙي ۾ نافرمان پٽ عزير احمد سھتو گھر اندر فائرنگ ڪري پنھنجي امڙ مسمات زينب سھتو زال مرحوم ممتاز سھتو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جوابدار عزير سھتو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، قتل واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، ايس ايڇ او ھڱورجا محمد بچل قاضي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گھرو اڻبڻت سبب پٽ پسٽل جا فائر ڪري امڙ مسمات زينب کي قتل ڪيو آھي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.