14 فيبروري، محبتن جو عالمي ڏينهن

ڪاشف نوراني

ويلنٽائنس ڊي تي جڏهن گلاب هٿ ۾ هوندو آهي، ڪارڊ ۾ لفظ هوندا آهن ۽ چاڪليٽ ۾ مٺاس هوندي تڏهن به اصل ۾ انهن ٽنهي کان وڌيڪ ڪجهه ٻيو به هوندو آهي. گلاب صرف گل ناهي،اهو دل جي اندر لڪل اُن پيار جي نشاني آهي جنهن کي زبان ڪڏهن ڪڏهن چئي نٿي سگهي. ڪارڊ صرف ڪاغذ ناهي، اها دل جي ڳالهھ آهي ۽ خاموش محبت جو آواز آهي جڏهن ته چاڪليٽ صرف مٺاڻ ناهي بلڪه اها اُن مٺي محبت جي ياد آهي جيڪا هر اداسيءَ کي به مسڪراهٽ ڏئي ڇڏي ٿي. گلاب جي خوشبوءَ ۾ محبوب جي ياد آهي، ڪارڊ جي لفظن ۾ دل جي سچائي آهي ۽ چاڪليٽ جي مٺاس ۾ اُن رشتي جي خوبصورتي آهي جنهن ۾ صرف محبت نه پر عزت، ساٿ ۽ وفا به شامل آهي. ڇاڪاڻ ته ويلنٽائن ڊي تي گلاب، ڪارڊ ۽ چاڪليٽ ته صرف هڪ بهانو هوندا آهن اصل تحفو ته دل هوندي آهي.

ويلنٽائنس ڊي محبت جو اهو ڏينهن آهي، جڏهن دل جون ڳالهيون لفظ بڻجي وڃن ٿيون ۽ خاموش احساس به اظهار گهري وٺن ٿا. هي ڏينهن صرف گلن، تحفن يا ڪارڊن تائين محدود ناهي، پر اهو اُن پاڪ جذبي جي ياد ڏيارڻ آهي، جيڪو انسان کي انسان سان جوڙي ٿو. محبت، جيڪا بغير ڪنهن شرط جي هجي، جيڪا ڏک ۾ ساٿ ڏئي ۽ خوشي ۾ ٻيڻي ٿي وڃي، ويلنٽائن ڊي ان ئي محبت جو جشن آهي. ويلنٽائن ڊي، محبت جو اهو ڏينهن، جنهن ۾ دليون ڳالهائينديون آهن هڪ اهڙو احساس، جيڪو نه ڪنهن قانون ۾ قيد ٿي سگهي ٿو، نه ڪنهن حد ۾ بند ٿي سگهي ٿو. محبت دل جي زبان آهي ۽ دل جڏهن ڳالهائي ٿي ته لفظ به شاعري بڻجي ويندا آهن. جڏهن ڪنهن جي اکين ۾ پنهنجو گهر محسوس ٿئي، جڏهن ڪنهن جي مسڪراهٽ دل جي ٿڪاوٽ کي آرام بڻائي ڇڏي، تڏهن انسان سمجهي ٿو ته محبت ڇا آهي. ويلنٽائن ڊي به اهڙو ئي ڏينهن آهي جنهن ۾ احساسن کي آواز ملي ٿو، خاموشين کي معنيٰ ملي ٿي ۽ دل جي اندر لڪل ڳالهين کي اظهار جو موقعو ملي ٿو.

محبت زندگي کي خوبصورت بڻائي ٿي. جڏهن ڪو پنهنجي محبوب لاءِ ننڍڙي مسڪراهٽ آڻي ٿو، يا بنا ڪنهن سبب جي خيال رکي ٿو، تڏهن ئي ويلنٽائن ڊي جو اصل مطلب پورو ٿئي ٿو. هي ڏينهن ياد ڏياريندو آهي ته محبت صرف چوڻ ۾ نه، پر نباهڻ ۾ آهي. هڪ سچو لفظ، هڪ سادو واعدو، يا گڏ گذاريل وقت اهي سڀ محبت جا اصل تحفا آهن. محبت واري فلسفي ۾ ڪيتري سچائي آهي ۽ انهيءَ محبت جي سلسلي ۾ ڪيتري سچائي آهي، جو ڪير ڪنهن کان سواءِ ٻي ڪنهن سان زندگي گذارڻ جو سوچي ئي ڪو نه ٿو. زندگي ۾ رڳو ڪلينڊر ئي نه ٿا بدلجن پر ڊائريون به بدلجن ٿيون جن ۾ اسان پنهنجي ڏکن سورن صدمن خوشين جون خبرون، ڏکن جا نوحا، لکيل هوندا آهن، نئين سال جي آمد تي ماڻهو ڊائريون ته بدلائيندا آهن، پر انهن ڊائرين ۾ سالن جا سور صدما پراڻيون يادون دفن ٿيل هونديون آهن، سال بدلجندا رهندا صديون گذرنديون رهنديون هر ڪا نئين ڊائري به نيٺ پراڻي ٿيندي رهندي پر انهن ڊائرين جي صفحي صفحي تي گرم ڳوڙهن جي قطارن سان لکيل سورن جون سورتون ۽ ڏکن جي نوحن جو لفظ لفظ جڏهن به پڙهيو ويندو، تڏهن ان سال کي به ان سڏڪن واري صليب تي لٽڪيل پنهنجو وجود ملندو، صحرا جهڙي گرم ريت تي تڙپيل پنهنجو وجود ملندو، جڏهن به ڪنهن نئين سال جي آمد تي پراڻي ڊائري جا پنا ڦلوربا تڏهن اهو ماڻهو سوچن جي سمنڊ ۾ ضرور گوتا کائي تڙپي تڙپي اذيت ناڪ موت جي ننڍ ۾ پاڻ کي آراممحبت هڪ اهڙو احساس آهي، جيڪو لفظن ۾ مڪمل بيان نٿو ٿي سگهي. جڏهن ڪنهن جي موجودگي دل کي سڪون ڏئي، جڏهن ڪنهن جي ڳالهه دل ۾ لهرون پيدا ڪري، تڏهن خبر پوي ٿي ته محبت ڇا هوندي آهي. ويلنٽائن ڊي به اهڙو ئي ڏينهن آهي، جيڪو پيار جي احساسن کي وڌيڪ خاص بڻائي ٿوي محسوس ڪندو.

ويلنٽائينس ڊي کي دنيا ڀر ۾ رومانس جو عالمي ڏينهن سمجهيو وڃي ٿو. هي ڏينهن محبت، وفا ۽ دلين جي وچ ۾ موجود سچي احساسن جي اظهار لاءِ مخصوص آهي. ويلنٽائينس ڊي تي ماڻهو پنهنجي محبوبن سان پيار جو اظهار ڪن ٿا، گل، تحفا ۽ سٺا لفظ ڏئي پنهنجي دل جون ڳالهيون سامهون آڻين ٿا. رومانس جو اصل مطلب صرف تحفن تائين محدود ناهي، پر هڪ ٻئي کي سمجهڻ، عزت ڏيڻ ۽ ڏک سک ۾ ساٿ نڀائڻ آهي. هڪ نرم مسڪراهٽ، خيال ڀريو لفظ يا گڏ گذاريل ٿورو وقت به محبت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿو. ويلنٽائينس ڊي اسان کي سيکاري ٿي ته محبت جو اظهار ڪرڻ ۾ نه لڄ هئڻ گهرجي ۽ نه دير…..

محبت جو اظهار صرف وڏن تحفن سان نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ سادي مسڪراهٽ، هڪ خلوص ڀريو جملو، يا پيار سان هٿ پڪڙڻ به هزار تحفن کان وڌيڪ قيمتي هوندو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي محبوب يا محبوبه کي سچي دل سان وقت ڏيو ٿا، ته اهو ئي سڀ کان وڏو تحفو آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته ويلنٽائنس ڊي صرف گلاب، تحفن ۽ ڪارڊن جو نالو ناهي، پر اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ دل جي اندر لڪل محبت کي اظهار جو موقعو ملي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو روزمره جي مصروفيتن ۾ پنهنجي پيارن کي اهو ٻڌائڻ وساري ويهندا آهن ته “تون منهنجي زندگي جو سڀ کان خوبصورت حصو آهين.” ويلنٽائن ڊي اهڙي ڳالهه ڪرڻ جو بهترين وقت آهي. ويلنٽائينس ڊي صرف هڪ ڏينهن ناهي، پر محبت جي اهميت کي سمجهڻ جو موقعو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگين ۾ خلوص، احترام ۽ پيار کي جاري رکون، ته پوءِ هر ڏينهن رومانس جو ڏينهن بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.