اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف اتحاد جي اڳواڻن جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ انهن پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرڻ ۽ ان جي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت پارليامينٽ هائوس جي مکيه دروازي تي ڌرڻو ڏيندي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني ميمبرن ۽ سينيٽرن کي پارليامينٽ هائوس پهچڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب، ڌرڻو ڏيڻ جو فيصلو مخالف اتحاد جي اڳواڻن سان صلاح مشوري دوران ڪيو ويو.