ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان جي خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورت فائونڊيشن جي 40هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ اڌوري آهي۔ هن عورت فائونڊيشن جي چاليهن ورهين تي پکڙيل عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي بااختياري بابت هر ڳالهه کيس پنهنجي امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ٿي جيڪي عورتن جي علامتي شموليت بدران هر شعبي ۾ سندن بامعنيٰ شرڪت تي يقين رکندي هيون۔ عورت فائونڊيشن پنهنجي 40هين سالگرهه جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس جي بينڪوئيٽ هال ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي عورت فائونڊيشن جي صدر انيس هارون عورتن جي تحريڪ جي ڏکئي سفر کي ياد ڪندي چيو ته 12 فيبروري 1986ع کان اڳ عورتن کي عوامي زندگيءَ ۾ گهڻي سڃاڻپ حاصل نه هئي۔ هن ٻڌايو ته برابري لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرڻ تي عورتن تي لٺيون وسايون ويون، کين جيلن ۾ وڌو ويو پر پوءِ به هو پنهنجي مطالبن تي قائم رهيون۔ تقريب دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورت فائونڊيشن جي 40 سالن جي جدوجهد تي ٻڌل ڪتاب جو افتتاح ڪيو ۽ تنظيم جي سفر بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عورتن جي حقن جي واڌاري ۾ سندن تاريخي ڪردار تي خاص خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو۔ خطاب ڪندي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن ياد ڏياريندو آهي ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ مڪمل ناهي۔ هن چيو ته عورتن کي اڃا به ڪيترن سنگين چيلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ حقيقي آزادي تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن هر نينگري کي سندس مڪمل حق حاصل ٿيندا۔ ان موقعي تي کين گلوبل پيس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورت فائونڊيشن لاءِ 50 ملين رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي بااختياري ۽ صنفي برابري لاءِ پرعزم آهي۔ تقريب ۾ عورتن جي حقن، انساني حقن، سماجي خدمتن، تعليم، صحافت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، اقليتي حقن، معذور ماڻهن جي قيادت ۽ ڪميونٽي ترقي جي شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ليڊرشپ ايوارڊ ڏنا ويا۔ ٽيڪنالاجي جدت تي شاگردن ۽ تقريب جي انعقاد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عورت فائونڊيشن جي عملي کي پڻ اعزاز ڏنا ويا۔ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سياسي قيادت تي ايم اين ايز شازيه عطا مري ۽ رانا انصار، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد تي شهناز وزير علي ۽ قانوني ۽ انساني حقن جي خدمتن تي جسٽس (ر) ماجده رضوي کي ڏنا ويا۔ ٻين اعزاز يافته شخصيتن ۾ صحافي ماريه اسماعيل، شاعرہ ۽ مصورہ عاليه مرزا، ڊي آءِ جي شيبا شاهه، سسٽر ڪيٿرين، منگلا شرما، ايڊووڪيٽ آسيا منير، مرزا اشتياق بيگ ۽ ايڊووڪيٽ غزاله ڪاشف شامل هئا