ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني پل ويجهو 8 منزلن واري رهائشي عمارت جي بيسمنٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب سڄي عمارت ۾ دونھون پکڙجي ويو. چيف فائر آفيسر موجب باهه وسائڻ لاءِ 4 فائر ٽينڊر ۽ 2 اسنارڪل استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته ماڻهن کي اسنارڪل ذريعي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت جي هر منزل تي 4 فليٽ آهن ۽ بيسمنٽ ۾ پارڪنگ لاٽ سميت جنريٽر به موجود هو، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو. هڪ رهواسي دعويٰ ڪئي ته فائر برگيڊ جي گاڏين ۾ پيٽرول نه هو ۽ هنن پنهنجي خرچ تي 30 ليٽر پيٽرول خريد ڪيو. رهواسين پوليس آفيسر اي ايس آءِ ارسلان جي ساراهه ڪندي کيس حقيقي هيرو قرار ڏنو، جنهن ماڻهن کي باهه واري عمارت مان ٻاهر ڪڍيو.