لاهور(بيورو)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هر جيل، سخت هجي يا نرم، پنهنجي قيدي کي ڪنهن نه ڪنهن بيماري جو تحفو ضرور ڏئي ٿي،عمران خان صاحب جي هڪ اک ۽ بينائي متاثر ٿيڻ جون خبرون لڳاتار اچي رهيون آهن، جيڪي پريشان ڪندڙ آهن۔فوري ۽ مؤثر علاج هر انسان جو بنيادي حق آهي،هن چيو ته منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن مريض قيدي به هجي ۽ توهان جو سياسي مخالف به هجي، تڏهن به سندس حقن جي حفاظت ڪرڻ وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو،هن چيو ته اصولي طور عمران خان جي گهرڀاتين يا پارٽي کي سپريم ڪورٽ تائين وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوڻ گهرجي ها،هن چيو ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جي ذميواري آهي ته عمران خان جي علالت بابت ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي سرڪاري موقف جاري ڪيو وڃي۔عمران خان جي گهرڀاتين سان سندس ملاقات ڪرائي وڃي۔