ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ۾ ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل، ٽنڊوالھيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهباز ڪالوني ۾ گهريلو اڻبڻت سبب ننڍي ڀاءُ چاقو جا وار ڪري وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس سرڪار پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، پوليسموجب لڳ ڀڳ 20 ڏينهن اڳ ٻن ڀائرن وچ ۾ گهريلو اڻبڻت تي جهيڙو ٿيو ھو. جنهن دوران ننڍي ڀاءُ حمزه علي پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالله آرائين تي چاقو جا وار ڪيا، چاقو لڳڻ سبب عبدالله آرائين سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو ذريعن موجب زخمي عبدالله آرائين علاج دوران زخمن جي سٽ نه سھي فوت ٿي ويو، شروعاتي طور گهرڀاتين واقعي کي حادثو قرار ڏئي مامري کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بعد ۾ پوليس واقعي جو نوٽيس وٺندي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي سمورن رخن کان جائزو ورتو پيو وڃي.