سکر ۾ بااثرن جي مبينا تشدد سبب نوجوان فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

 سکر (رپورٽر ) سکر جي علائقي آرائين روڊ پراڻو شاهپور، نئون تعلقو  سکر جي رهواسي، ميمڻ برادري جي مرد  ۽ عورتن معصوم ٻارن سميت سکر پريس ڪلب آڏو مبينا تشدد سبب فوت ٿيل منور ميمڻجو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مزمل ميمڻ، پٺاڻ ميمڻ، مائي زرينا، مائي حسنه، غلام نبي ميمن سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ٽي ڏينهن اڳ سندن ڀاءُ منور ميمڻ عرف دلبر ميمڻ پنهنجي گاڏي ۾ گهران نڪتو هو ته ڪجهه فاصلي تي مبينا طور علائقي جي بااثر ماڻهن خادم حسين ميمڻ، ياسين ميمڻ، خالد ميمن، سميع الله ميمڻ، ثناءُ الله ميمڻ، پرويز ميمڻ ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن هٿيارن جي زور تي روڪي تشدد جو نشانو بڻايو۔وارثن موجب مبينا تشدد سبب منور ميمڻ جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ کيس موقعي تي ئي دل جو دورو پيو واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي وارثن کيس فوري طور اين آءِ سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڳڻتي جوڳي حالت سبب هو سٽ نه سهندي گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو، مظاهرين الزام لڳايو ته نامزد ماڻهو علائقي ۾ بدامني پکيڙڻ، شراب نوشي ڪرڻ ۽ مبينا طور ڳوٺاڻن کان زبردستي ڀتو وصول ڪرڻ ۾ ملوث آهن، غريب ۽ محنتي ماڻهو آهيون ۽ ڀتو ڏيڻ جي سگهه نٿا رکون، جنهن ڪري مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي، نوجوان جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.