هٿيار ڦٽا نه ڪندڙ ڌاڙيل مارجي ويندو: ضيا لنجار

ڪراچي/اوٻاوڙو (رپورٽر/ ن ع آ) ڪراچي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي رونتي ۾ قائمبند ۽ پنجاب جي علائقي کنڀڙا ڪيمپ جو دورو ڪيو، جتي هن سيڪيورٽي قدمن ۽ ضلعي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پڻ ساڻس گڏ هو، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چٽي نموني واضح ڪيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته جيڪو سرينڊر نه ڪندو، اهو قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندو ۽ مارجي ويندو، پر جيڪي سرينڊر ڪندا انهن سان قانون موجب ڊيل ڪيو ويندو، هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهاري عنصرن کي موقعو ڏيندي چيو ته هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪن، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي لاءِ تيار رهن، هن اعلان ڪيو ته ڌاڙيلن کي جلد هڪ وڏو "سرپرائز” ڏنو ويندو، جديد هٿيارن، ايڊوانس ڊرونز ۽ ٻين آلات جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، هن هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن جي پناهه گاهن کي مسمار ڪيو وڃي ۽ انهن جي سهولتڪارن سان لوهه جي هٿن سان منهن ڏنو وڃي، ڪچي جي علائقن ۾ رياستي رٽ جي مڪمل قيام تائين ميگا آپريشن "نجات مهران” پوري قوت سان جاري رهندو ۽ سنڌ حڪومت آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي. ڪچي جي ٻن هنڌن کان سواءِ باقي سمورو علائقو ڪليئر آهي. هن پوليس ۽ رينجرز سنڌ جي بلند حوصلن ۽ جرات منداڻي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اڳين مورچن ڏانهن اڳڀرائي هڪ وڏو ۽ فيصلائتو قدم آهي، ڪچي ۾ آپريشن جي شروعات کان هينئر تائين سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ مجموعي طور تي 28  ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 82 زخمي ٿيا آهن، ٻنهي پوليس رينجز ۾78  ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 152  ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪيو. ڪاررواين دوران 17  مغوين کي بازياب ڪرايو ويو ۽ 87  جديد هٿيار قبضي ۾ ورتا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.