عمرڪوٽ/ جيڪب آباد (ڊ ر )جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ھڪ طرف آمريڪا ۽ اسرائيل آھي ٻئي پاسي ايران آھي اسان کي پنهنجي پاڙيسريملڪن سان تعلقات بھتر ڪرڻ کپن، پاڙيسري ملڪ محفوظ مضبوط ھوندا ته اسان محفوظ ۽ مضبوط ھونداسين، اسان جي حڪمرانن کي پنهنجي خارجا پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، اسان جي خارجا پاليسي عالمي قوتن جي اشارن جي ارد گرد گھمي ٿي، ھن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آھي، ٽنھي صوبن جي صورتحال بابت سکر ۾ عالمي امن ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنھن ۾ 50 لک ماڻھو شرڪت ڪندا، جنھن ۾ امن لاءِ ڪم ڪندڙ پوري دنيا جي ماڻهن کي دعوت ڏينداسين، عمرڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ صوبي ۾ بدامني، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ منشيات جي وڪري جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، وڏي وزير جي اباڻي ضلعي ۾ ڦر دوران مقابلو ٿيو ٽي پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويا، وزير اعليٰ چوي ٿو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي، هڪ سازش تحت نوجوان نسل کي منشيات جي وبا ۾ هڻي ڄاڻي واڻي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، پريا ڪماري جي اغوا ڪيس ۾ چونڊيل نمائندا شامل آهن اهي شامل ناهن ته پريا ڪماري کي بازياب ڇو نٿو ڪرايو وڃي ۽ مان دعويٰ سان چوان ٿو ته اغوا ٿيل پريا ڪماري جا پيرا کڻندا ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھن جي بنگلن ڏانھن ويندا، هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قبائلي تڪرارن جو مستقل ۽ پائيدار حل ڪڍيو وڃي، فوري طور امن قائم ڪيو وڃي ۽ عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.