بلڙي شاهه ڪريم ۾ مولوي پاران نينگري سان نڪاح، جوابدار جي گرفتاري لاءِ هڙتال، ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ:اويس حيدر شورو) بلڙي شاهه ڪريم جي جنهاڻ سومرو ڀرسان ڳوٺ براديو رند مان هفتو اڳ ڳوٺ جي مدرسي جي مولوي عبدالسلام سومرو پاران مدرسي جي طالب علم 9 سالا زڪيرا رند کي مبينا طور اغوا ڪري نڪاح نامي کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث مولوي عبدالسلام سومرو جي گرفتاري ۽ معصوم نينگري زڪيرا رند جي آزادي لاءِ رند قومي اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران بلڙي شاھ ڪريم شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، جنهن سبب روڊ رستا مڪمل طور ويران رهيا، واقعي خلاف رند قومي اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران زاهد خان رند ،  اعظم خان رند ، شهمير رند ، اي بي رند اعظم خان رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري شهيد بلو پنهور چوڪ تي طويل ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان درجنين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وڏي بيحسي آهي جو معصوم نينگري کي وحشي صفت مولوي اغوا ڪري ويو آهي پر ان باوجود به پوليس جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه آندي آهي جنهن سبب معصوم نينگري جا وارث سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن ، جيستائين نينگري بازياب نه ٿيندي ۽ جوابدار مولوي عبدالسلام سومرو گرفتار نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو، ڌرڻي ۾ جنهاڻ سومري جي يوسي چيرمين حاجي عبدالستار سومرو ، مولانا عبدالرحمان رحماني ، حافظ يامين سومرو ، عورت سماجي اڳواڻ رضيه سهتو سميت مختلف برادرين جي ماڻهن اظهار يڪجهتي طور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي نينگري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو  ، ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي وزير شر ۽ انسپيڪٽر هادي بخش لاشاري پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين جوابدار جي گرفتاري نه ٿيڻ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ٻي پاسي بلڙي پوليس جي وڏن اٽالن ڏتا واھ تي واقع مفتي محمد صادق سومري جي مدرسي تي ڇاپو ھڻي مدرسي ۾ موجود حافظ ولي الله سومرو سميت ٻن ٻين مدرسي جي ملازمن کي ۽ ٽن عورتن کي گرفتار ڪري ويا، جنهن جي اطلاع کانپوءِ مظاهرين پاران روڊ کولي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي پر شھيد بلو پنھور چوڪ تي احتجاج جو سلسلو جاري رکندي اڳواڻن چيو ته جيڪڏھن پوليس انتظاميا 24 ڪلاڪن ۾ مک جوابدار گرفتار ڪري نينگري بازياب نه ڪرائي ته ٻيھر روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو، جڏهن ته صبح چار بجي ڌاري بلڙي پوليس جي پندرهن موبائلن ۾ سوار اهلڪارن جو جنهاڻ سومرو لڳ ڳوٺ محمد صديق مڱڻهار ۾ بلڙي شاھ ڪريم صحافي عرفان علي مڱڻهار جي گھر تي ڇاپو ھڻي چادر چئو ديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ وجھي ڇڏيا، ان سلسلي ۾ صحافي عرفان علي مڱڻهار ٻڌائيندي چيو آھي ته ھڪ منظم سازش تحت مونکي ۽ منھنجي فيمليءَ کي حراسان ڪري منھنجي صحافت پيشي کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پوليس منھنجي ننڍي ڀاءُ ميڊيڪل جي شاگرد ارشاد مڱڻهار کي گرفتار ڪري وئي آهي منھنجي ڪنھن به فيملي ميمبر جو نينگري زڪيرا جي مبينه اغوا يا نڪاح سميت ڪنھن به معاملي ۾ ھٿ ناھي، ٻي پاسي بلڙي شاھ ڪريم جي صحافي عرفان علي مڱڻهار جي گهر تي پوليس پاران ڇاپي جي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي صدر غلام نبي ڪيريو ، جنرل سيڪريٽري مظفر رند، ذوالفقار چانڊيو ، امتياز مڱريو ، قاضي شمس ، غلام قادر شورو ، عبدالحفيظ ميمڻ ، جبار بلوچ، شعيب ڪيريو، ساحل اياز ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان فوري طور انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.