لاهور(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي ڪئنالن جي معاملي تي ماضي ۾ سنڌين خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندڙ صحافي رضي دادا جي هڪ وڊيو وائرل آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته منهنجي حالت ڏسي رهيا آهيو مون کي پيغام آيو، ۽ ظاهر آهي، جڏهن سندن پيغام اچي ٿو ته ان تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، ڇو ته توهان کي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي، زندهه رهڻو آهي،نوڪري ڪرڻي آهي ته نخرو ڪهڙو؟ روزگار به برقرار رکڻو آهي،ٻارن جون شاديون به ڪرائڻيون آهن،هن چيو ته اسان ڪئنالن تي بيانيو تيار ڪيو، ليڊ ڪيو، ريفرنس سان گڏ. سوشل ميڊيا تي لکيو. پوءِ جڏهن سنڌي عوام جو ردعمل آيو، ته پيغام موڪليو ويو ته اسان توهان جي خلاف ڪا به سازش نه ٿا ڪريون،اسان توهان خلاف گارگند ڪرائيندڙ ۽ پي ٽي وي مان نيڪالي ڏيندڙ نه آهيون، اهو پيغام پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين ڏنو،هن چيو ته توهان هميشه ڪارگل جي تاريخي دورن ۾ اڳتي وڌندا آهيو، ٺيڪ آهي. ٻار اسان جا اڳتي وڙهڻ لاءِ ويا، پر انهن کي پٺيان هٿيار ئي فراهم نه ڪيا ويا،هن چيو ته اهو ئي حال توهان هن خاڪسار سان ڪيو ته ڪئنالن واري اشو تي سڀني کي اڏائي رکو،چيف صاحب کي اهي ڪئنال ٺاهڻا ئي ٺاهڻا آهن،اسان ان رونشي ۾ قومي بيانيو بڻايو،سامهون وارن جو ردعمل آيو ته سڀ ڀڄي ويا،هتان هُتان مون کي پيغام مليو ته اسان ته توهان جا واڄٽ نه وڄايا،اهي ته رڳو سنڌين وڄايا آهن،اسان اهو بيانيو کڻي شهيد ٿي وياسين،هاڻي اسان کي پلاٽ ته ملڻ گهرجي،توهان اهڙوظلم نه ٿا ڪري سگهو، ٺيڪ آهي نا؟ جيڪڏهن اهو نٿا ڪريو ته پوءِ اهي ئي ايجنٽ پاليو جيڪي 1857 ۾ ڀرتي ڪيا هئا، هن چيو ته اسان پنهنجي طريقي سان هن ملڪ ۽ ان جي نظرياتي سرحدن جو دفاع ڪندا سين.اهو هڪ طرفو فيصلو آهي. ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ جاويد ناياب لغاري ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو ته ڌوٻي جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو،اظهر عباس لکيو ته رضي دادا کي خبر پئجي وئي آهي ته هوا جو رخ بدلجي چڪو آهي۔هاڻي اهي اعتراف به ڪندا ۽ معافي پڻ وٺندا،گل مڪيا لکيو ته رضي دادا سنڌين خلاف مهم ۽ توهين آميز تبصرن جو اعتراف ڪري ڇڏيو، پر ان جي بدلي ۾ نه ته معاوضو مليو ۽ نه ئي پي ٽي وي جي نوڪري بچي سگهي۔ هڪ ٻئي صارف لکيو ته اهو توهان کي بدنام ڪري رهيو آهي ۽ سڄي اداري تي الزام لڳائي رهيو آهي ته سنڌ خلاف پروپيگنڊا ايجنسين هن کان ڪرايون، اهو ئي آهي جنهن کي پنجاب جي وزيراعليٰ دادا سڏيندي آهي،شاهد حسين لکيو ته هاڻي اندازو لڳايو ته سڄي سنڌي قوم جي تذليل ڪندڙ نام نهاد صحافي اڄ ڇا ڳالهيون ڪري رهيو آهي۔جيڪڏهن سنڌ مان ڪنهن هن جي بيان تي راءِ ڏني ته ان کي غدار قرار ڏنو ويندو، پر اهو ماڻهو پوءِ به محب وطن رهندو،الله تعاليٰ ملڪ پاڪستان جي حالتن تي رحم فرمائي.