پشاور(عوامي آواز نيوز)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته قومي وحدت ۽ اطمينان لاءِ ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرايون وڃن.چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق ۽ خيبرپختونخوا جي وچ ۾ ڪم ڪندڙ تعلقات قائم ٿيڻ گهرجن، جنهن سان حڪومت ۽ عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪو به صوبي وفاق جي مدد کان سواءِ عوام جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي. سهيل آفريدي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٽي مهينا اڳ ٿيڻ گهرجي ها.هن چيو ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ دنيا غير مستحڪم رهندي ته آمريڪا جي بادشاهي قائم رهندي. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران ۽ افغانستان غير مستحڪم رهن،هن.چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪنٽينر ۾ کيس تيل نظر نٿو اچي.موجوده حڪومت نه امن قائم ڪري سگهي ٿي ۽ نه معاشي استحڪام، عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تقسيم بابت سوچ به نٿو ڪري سگهان، ۽ بلوچستان ۽ پختونخوا جي عوام جي حقن بابت ڳالهه ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته جڏهن باجوا آرمي چيف هو ته افغانستان سان ڳالهين تي زور ڀريندو هو موجوده چيف افغانستان سان ڳالهين کان انڪاري آهي،اڳ ۾ رڳو ڀارت پاڪستان جو دشمن هو هاڻي افغانستان کي به دشمن بڻايو ويوآهي،هن چيو ته ڌانڌلي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومتون رڳو دعوائون ڪري سگهن ٿيون ڪم نه،سياست پارٽيون ڪنديون آهن،حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪندي آهي.