نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو شهر جي پير گرگهل شاهه قبرستان مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. قبرستان ۾ موجود ماڻهن لاش ڏسي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪيو. هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي نوجوان عبدالصمد پٽ عبدالغني شيخ طور ڪئي وئي، مقتول جي چاچي شمس الدين شيخ ٻڌايو ته عبدالصمد گذريل شام جو گهران نماز پڙهڻ جو چئي نڪري ويو ته واپس نه موٽيو جنهن بعد سندس گمشدگي بابت نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي، عبدالصمد کي دماغي بيماري هئي جنهن جو علاج هڪندڙ هو، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي خبر ناهي ڪنهن تشدد بعد قتل ڪري ايڏو ظلم ڪيو آهي، مامري جي شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارراوئي ڪئي ويندي.