ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي ۾ 4.8 ارب رپين جي لاڳت سان فروٽ ۽ سائي ڀاڄي منڊي قائم ڪرڻ، انڊس ڊيلٽا ۾ محفوظ ٻيلن جي ايراضي ۾ وڏي پيماني تي واڌ ڪرڻ، اي-اسٽيمپنگ سسٽم پنجاب کان سنڌ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو، پوليس حد بندين جي نئين سر ترتيب، نوان ٿاڻا ۽ چوڪيون قائم ڪرڻ، ،خاص عدالتي مقررين جي باضابطه توثيق ڪرڻ ،اوورسيز پاڪستانين لاءِ رهندڙ پراپرٽي رجسٽريشن جي منظوري، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن، صوبائي اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي مقامي سطح تي منتقلي، انفراسٽرڪچر سيس تڪرار جي حل لاءِ فريم ورڪ، ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ، ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ زمين جي استعمال ۾ تبديلي، انڊس ڊيلٽا ۾ محفوظ ٻيلن جي ايراضي ۾ واڌ، پوليس حد بندين جي نئين سر ترتيب، ملاڙڪاڻي ۾ وڏي فروٽ ۽ سبزي منڊي جي قيام ۽ خاص عدالتي مقررين جي توثيق جي منظوري ڏني وئي۔ڪابينا صوبائي اي-اسٽيمپنگ سسٽم کي پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ کان سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آئي ٽي ايس ) ڏانهن منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وڏي وزير چيو ته اهي فيصلا صوبائي انتظاميه کي جديد بڻائڻ ۽ قانوني ۽ فني سڌارن ذريعي ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ بابت حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا۔ٽريفڪ ڀڃڪڙين جي چالانن (اي-ٽڪيٽن) جي تيز تر فيصلي لاءِ ڪابينا صوبي ڀر ۾ ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني۔ هي قدم صوبائي موٽر ويڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2025 ۾ شامل نئين شق تحت کنيو ويو آهي۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت بعد هر ضلعي ۾ موجود ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس جا اختيار ڏنا ويندا جنهن سان نيون عدالتي عمارتون تعمير ڪرڻ کان سواءِ ٽريفڪ ڪيسن جا تڪڙا ۽ اثرائتا فيصلا ممڪن ٿي سگهندا۔سنڌ حڪومت زرعي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ مارڪيٽنگ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ فروٽ ۽ سبزي منڊي (منڊي) جي قيام جي منظوري ڏني جنهن تي اندازاً 4.8 ارب رپيا خرچ ايندو