ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا باهه سانحي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، سنڌ جي گهرو وزير جي هدايتن تي سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته انڪوائري ڪميشن گل پلازا جي تعمير جي منظوري، ليز جي قانونيت، بلڊنگ منصوبي جي خلاف ورزين ۽ هنگامي خالي ڪرائڻ ۾ پيش آيل رڪاوٽن جو جائزو وٺندي. هن چيو ته فائر فائٽنگ انتظامن ۽ فائر سيفٽي آڊٽ ۾ موجود خامين جي به جاچ ڪئي ويندي. گهرو وزير موجب ڪميشن بچاءُ آپريشن جي سببن، حالتن ۽ رفتار جو به تفصيلي معائنو ڪندي ۽ غفلت جي ذميوار سرڪاري عملدارن ۽ عمارت انتظاميا خلاف ذميواري مقرر ڪئي ويندي. جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪميشن 8 هفتن اندر رپورٽ مڪمل ڪندي، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي کي ڪميشن لاءِ مڪمل سيڪريٽريٽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت گل پلازا سانحي جي متاثرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، جڏهن ته گهرو وزير چيو آهي ته سخت قدم ۽ اثرائتي جاچ سان حقيقتون سامهون آنديون وينديون.