وڳڻ ويجهو جوابدار ڪهاڙيون هڻي رڍ جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي

وڳڻ (رپورٽ: علي گل مغيري)وڳڻ ويجهو ڳوٺ جلال مغيري ۾ بااثر ڳوٺاڻي پاران بي زبان جانور تي ظلم جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ڀلوڙ نسل جي رڍ تي ڪهاڙين جا وار ڪري ان جي ٽنگ وڍي وئي. متاثر ڳوٺاڻي صدام مغيري ٻڌايو ته هو مالوند ماڻهو آهي ۽ رڍون پالڻ سندس روزگار ۽ شوق آهي. هن موجب رڍن جو ڌڻ رستي ويندي ڪڻڪ جي فصل مان گذري رهيو هو، جنهن تي ڳوٺ جو بااثر شخص طيش ۾ اچي بي زبان جانورن تي حملو ڪيو. متاثر وڌيڪ چيو ته ڀلوڙ نسل جي رڍ کي اهڙي نموني نقصان پهچائڻ سراسر حيوانيت آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوار شخص کي گرفتار ڪري قانون موجب انصاف فراهم ڪيو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.