ڪراچي/هيوسٽن(شوڪت زرداري وٽان)سنڌ حڪومت آڪٽوبر 2025 ۾ تعليم کاتي کان هڪ سمري موڪلي هئي جنهن ۾ چيو ويو ته پيپلز اسڪول مينيجمينٽ انيشيٽو رٿا شروع ڪرڻي آهي، جنهن تحت تقريباً 1600 اسڪولن لاءِ هڪ اٿارٽي ٺاهي وڃي ، ۽ ان اٿارٽي کي تقريباً 1.5 ارب رپيا فنڊ مهيا ڪيا ويندا.حالانڪه تعليم کاتي ۾ ڪجهه سينئر عملدار ڪجهه مهينن کانپوءِ رٽائر ٿيڻ وارا آهن،ماضي ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ، يا جاپان جي فنڊنگ سان اسڪول بحال ڪيا ويا، انهن تي سيڙپڪاري ٿي آهي. مثال طور، 2006 ۾ تقريباً 300 ملين ڊالر (تقريباً 30 ڪروڙ ڊالر) خرچ ٿيا، جيڪي ٻوڏ دوران تباهه ٿيل اسڪولن لاءِ استعمال ٿيا.ان کان پوءِ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو “سنڌ سيڪنڊري اسڪول پروجيڪٽ“ جيڪو 75 ملين ڊالر جو هو، جيڪو 2019 کان هلندڙ آهي ۽ 2026 ۾ ختم ٿي رهيو آهي. ٻيو ورلڊ بئنڪ پروجيڪٽ “سنڌ ارلي لرننگ اينهانسمنٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن“ هو،جيڪو 142 ملين ڊالر جو آهي، جيڪي موجوده ڪرنسي ۾ اندازاً 200 ارب رپيا ٿين ٿا.ان کان علاوه، ٻين عالمي ڊونر ايجنسيز جهڙوڪ جي پي گرانٽس، ملٽي پلائر گرانٽس وغيره شامل آهن، جيڪي 2021 کان شروع ٿي 2026 ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن،30 ڪروڙ ڊالر (83 ارب،88 ڪروڙ 53لک 70 هزار ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيڻا هئا،سوال اهو آهي ته هڪ سيڪريٽري لاءِ هڪ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهي پروجيڪٽ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ فنڊ خرچ ٿي چڪا آهن،اهو سيڪريٽري ڪڏهن به تعليم کاتي ۾ نه رهيو آهي،هن تي الزام آهن ته اڳ ئي تعليم کاتي ۾ ۽ٻين کاتن ۾پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪري جعلي ڀرتيون ڪرايون آهن، پروبيشن تي استادن کي آفيسر بڻايو، پنهنجي مائٽن کي نوازيو، ۽ ٻين جا حقن ماريا،جڏهن ته اهو سيڪريٽري ٻين جو حق ماري پنهنجي پٽ کي پروموٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپارٽمينٽل امتحان کان اڳ ئي هن کي سينيارٽي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي،سمال ڊيمز ڊويزن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪندڙ کي ڪوهستان دادو ۾ ٽينڊر ڪلارڪ بڻايو ويو،سيڪريٽري آبپاشي کي خط لکڻ باوجود ٽينڊر ڪلارڪ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي،سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود آبپاشي کاتي ۾هڪ نان ڪيڊر آفيسر اڃا تائين پنهنجي عهدي تي برقرار آهي،سنڌ ۾ ڪجهه ڪرپٽ سيڪريٽرين جي گينگ پنهنجي اولاد ۽ مٽن مائٽن کي نوازي رهي آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 11 جنوري 2026ع تي شايع ٿيو