ڄامشوري جي جابلو پٽي مان گم ٿيل ناري جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ڄامشورو( رپورٽ:صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو جي جابلو علائقي مان گم ٿيل ناري جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، 10 ڏينهن اڳ  ڄامشوري جي جابلو علائقي ۾ ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ ويل ڪي پي ڪي واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ 25 ورهين جي صبرين ڌيءَ نظام پٺاڻ پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، ناري جي وارثن جي احتجاج تي پوليس ناري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ کوسا برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو هو جنهن تي گرفتار ڪيل نوجوان وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ بعد انهن کي آزاد ڪيو ويو هو، ٿرمل پاور هائوس ڀرسان جابلو علائقي ۾ ناري صبرين پٺاڻ جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي اي سيڪشن پوليس ۽ وارثن گم ٿيل ناري جي ڪپڙن مان سڃاڻپ ڪئي، ڄامشورو پوليس موجب ناري کي منھن ۽ مٿي ۾ پٿر ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو. ناري جي پيءُ نظام پٺاڻ موجب ڄامشورو جي جابلو علائقي مان صبرين گم ٿي ھئي، اسان اصل ڪي پي ڪي جا آھيون، ھتي ڪپڙو کپائيندا آھيون، اسان ڪپڙو کپائڻ جابلو علائقي ۾ کوسا ڳوٺ ۾ وياسين، اتي منھنجي ڌيءَ کوسن جي گھرن ۾ وئي، چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود واپس نه ٿي، نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.