سنڌ جي ڪجهه بااثر وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ جو فيصلو؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)عيد کان اڳ سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جا اطلاع،ڪجهه وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ جو فيصلو،باخبر ذريعن موجب سنڌ جي ڪجهه بااثر وزير جن جي باري ۾ اهو تاثر آهي ته سندن ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ ناهي يا سٺي ناهي،انهن کي چيو ويو آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو،پنهنجا دڪان بند ڪريو، پر انهن وزيرن رڳو شٽربند ڪيا اندرين طور سندن دڪانداري جاري هئي،ذريعن موجب قيادت کين گهرائي چيو آهي ته اسان سان چالاڪي نه ڪريو،توهان جا پردي پٺيان دڪان هلي رهيا آهن، وڏي قيادت پاران چيو ويو آهي ته يا ته انهن وزيرن کان وزارتون واپس ورتيون وڃن يا انهن کي وزارتن تان فارغ ڪريو، ڇو ته انهن جي شهرت خراب ٿي رهي آهي جنهن سان سنڌ حڪومت جي به شهرت خراب ٿي رهي آهي،۽ اهو به لڳي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ”سسٽم“مضبوط ٿي رهيو آهي،سسٽم تي ڪو هٿ نه پيو پوي، ذريعن موجب عيد کان سياسي برسات پوڻ واري آهي،هڪ بااثر وزير انهن خبرن جي حوالي سان ڳڻتي ۾ وٺجي ويو آهي،هڪ ٻيو وزير جنهن جي وزارت ۾ وڏا ڇاپا پئجي رهيا آهن،گرفتاريون به ٿي رهيون آهن،ان دڪان ئي سندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.