روڊ نه پيا ٺاهيو، موٽر وي تي ايترا کڏا آهن جو توهان گاڏي نه ٿا هلائي سگهو: جسٽس ذوالفقار سانگي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس يوسف سعيد ۽ جسٽس ذوالفقارعلي سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايم نائن موٽر وي تي گرين بيلٽ ۽ سروس روڊ تي اڏاوت خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، درخواست گذارن جي وڪيلن پنهنجي  موقف ۾ چيو ته ايم 9 موٽر وي جي گرين بيلٽ ۽ ڊرين تي اڏاوت ٿي رهي آهي، موٽر وي سان لڳندڙ سروس روڊ تي به اڏاوت ٿي رهي آهي، درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته دڪانن ۽ سروس روڊ جي وچ ۾ تعمير ڪيئن ٿي سگهي ٿي، ان موقعي تي عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اتي بسون پارڪ ٿينديون هيون، ڪنهن کي به ڪو مسئلو نه هو، درخواستگذارن کي هاڻي رستي جو حق ۽ گرين بيلٽ ياد اچي رهيو آهي، عدالت ايم 9 موٽر وي جي چوڌاري حدخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت چيو ته ڇا موٽر وي جي چوڌاري حددخليون هٽايون ويون، حددخليون هٽايون ويون ته ان جي نشاندهي ڪريو،عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان روڊ نه ٺاهي رهيا آهيو يا مرمت نه ڪري رهيا آهيو، توهان صرف ڪمرشل ڪم ڪري رهيا آهيو، جسٽس ذوالفقارعلي سانگي چيو ته سکر تائين سفر ڪرڻ ۾ ڏهه ڪلاڪ لڳن ٿا، جيڪڏهن توهان هاڻي ئي موٽر وي تي وڃو ٿا، ته ٻه هزار گاڏيون بيٺل نظر اينديون، موٽر وي تي ايترا کڏا آهن جو توهان گاڏي نه ٿا هلائي سگهو، پهرين روڊ کي ٺيڪ ڪريو ۽ باقي ڪم بعد ۾ ڪريو، هن چيو ته مرڪزي ڪم ڇڏي اوهان دڪان ٺاهڻ ۾ لڳي ويا آهيو، پهريان رستا درست ڪريو پوءِ ٻيو ڪم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.