اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته طالبان جو وڌندڙ اثر نه رڳو پاڪستان لاءِ، پر پوري علائقي ۽ عالمي امن لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. هڪ بيان ۾ صدر زرداري چيو ته پاڪستان جو اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ طالبان جي مدد ڪري رهيو آهي، جنهن جو اثر رڳو پاڪستان جي سرحدن تائين محدود ناهي، پر عالمي سطح تي پڻ ان جا اثر محسوس ٿي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪجھه پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين تان دهشت گرد عنصرن کي پاڪستان خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، انهن ڏوهن ۾ ڀائيوار بڻجي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ملڪ طالبان کي نه صرف مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن، پر انهن کي عسڪري ۽ ٽيڪنيڪي امداد پڻ ڏني وڃي ٿي، جيڪا دهشت گردي جي خاتمي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. هن عالمي برادري کي هن صورتحال جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ ۽ دهشت گردي خلاف وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.صدر زرداري چيو ته دهشت گردي خلاف پاڪستان جو عزم پڪو آهي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.