پاڪستان ۾ رهندڙ آمريڪي شهري احتياط ڪن: آمريڪا

واشنگٽن(ع آ نيوز) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيل تباهي ڪندڙ خودڪش بم ڌماڪي کان پوءِ آمريڪا پاڪستانلاءِ هڪ نئون سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اسلام آباد خودڪش حملي کان پوءِ هڪ سيڪيورٽي ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو سفر ڪندڙ آمريڪي شهرين کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته آمريڪي شهري عوامي گڏجاڻين کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي ذاتي سيڪيورٽي منصوبن جو جائزو وٺن. سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آمريڪي شهري صورتحال بابت تازي معلومات لاءِ مقامي ميڊيا جي نگراني ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.