اسلام آباد/ڪوئيٽا/پشاور/مظفرآباد(ع آ نيوز) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 8 فيبروري 2024 ع جي چونڊ نتيجن ۾ ڦير ڦار ۽ ڌانڌلينخلاف بلوچستان، خيبر پختونخوا جي اڪثر شهرن ۾ هڙتال رهي، ڪوئيٽا ۾ 200 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. پاڪستان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 8 فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو. ڪوئيٽا شهر جا سڀئي وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، بلوچستان جي ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا جام هڙتالون پڻ جاري آهن، جن ۾ زيارت، پشين ۽ ژوب شامل آهن. پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي مختلف حصن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪندي احتجاج ڪيا ويا. مظاهرين چونڊن ۾ ڌانڌلي، مينڊيٽ جي واپسي، عمران خان تائين رسائي ۽ آئين جي بحالي جو مطالبو ڪيو. راڄڌاني مظفرآباد، چناري، پونڇ،راولاڪوٽ ۽ ٻين ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍيا ويا. جڏهن ته مظفرآباد شهر ۾ احتجاج جي اڳواڻي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خواجا فاروق ڪئي.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به هڙتال رهي. جيڪب آباد ۾ ڪاروڏينهن ملهايو ويو آهي جنهن سبب شهر ۾ ڪاروباري مرڪز، دوڪان ۽ مارڪيٽون بند رهيون، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به جزوي طور معطل رهي جي يو آءِ فنڪشنل ليگ ايس يو پي پي ٽي آءِ پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون آهن. ٺٽي ۾ مڪمل طور تي شٽرڊائون رھيو، مختلف شھرن ۾ ھوٽلن، پيٽرول پمپن سميت سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رھيا. ٻئي پاسي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران احتجاج طور نڪرندڙ موٽر سائيڪل ريلي دوران پوليس پاران پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي صدر سيد امجد شاھ، سينيئر نائب صدر سيد ظھير شاھ ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران خشڪ کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ضلعي بدين ۾ به شٽر بند هڙتال جو سلسلو جاري رهيو شهر جا ڪيترائي ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، موبائيل مارڪيٽ سبزي مارڪيٽ ڪپڙا مارڪٽ ليديز بازار سميت کوسڪي روڊ سيراڻي روڊ گولاڙچي روڊ بند رهيا مختلف روڊن تي ٽريفڪ جو نظام جزوي طور بند رهيو .ا جي ڊي اي اڳواڻ حسنين علي مرزا جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي ڪارڪنن طرفان ايوان صحافت بدين اڳيان ڪارڪنن طرفان سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڌرڻو هنيو ويو .عمرڪوٽ ۾ گڏيل جماعتن جي سڏ تي شٽربند ھڙتال، جي ڊي اي طرفان ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ گڏيل جماعتن جي سڏ تي شھر ۾ شٽر ھڙتال رھي. پريس ڪلب ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاھ چيو ته هڙتال جو مقصد عوامي مسئلن، مهانگائي ۽ حڪومتي نااهلي خلاف آواز اٿارڻ آھي .ملير جي شهري علائقي قائدآباد، لانڍي، شاهه فيصل ۽ ڪورنگي ضلعي ۾ جزوي هڙتال رهي ضلعي انتظاميا پاران پوليس جا وڏا اٽالا مک شاهراهن ۽ چوڪن تي مقرر ڪيا ويا هئا، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو پوليس جي وڏي نفري صبح سوير کان شام ستين وڳي تائين موجود رهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ موجب هڙتال کي ڪامياب قرار ڏيندي سنڌ جي عوام رضاڪاراڻي طور گهرن ۾ رهي. ڪنڌڪوٽ اپوزيشن اتحاد ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال رهي. شھر جا اڪثر ڪاروباري مرڪز گھنٽا گھر چوڪ، لائبرري چوڪ، ڀٽائي چوڪ ڪاروبار مڪمل بند ڪيو ويو آهي. ڳيريلي ۾ به پوري سنڌ جيان تحفظ آئين پاڪستان سنڌ جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پاران شهر۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي.ڄامشورو ، مانجهند، سن ، علي آباد، خاڻوٺ، آمري ۽ ٻين شهرن ۾شٽربند ھڙتال ڪئي وئي.مورو شھر جا ڪاروبار مرڪز دڪاندارن پاران پاڻ مرادو بند ڪيا ويا جنھن ۾ مورو دادو روڊ گچيرو روڊ درس روڊ مين روڊ شاھي بازار سبزي مارڪيٽ ريشم گلي موبائل مارڪيٽ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون پڻ بند رھيون. کورواھ ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شھر جو سمورو ننڍو وڏو ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو. سڪرنڊ شهر سميت آسپاس وارن علائقن ۾ مڪمل هڙتال ڏٺي وئي. شهر ۾ ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور تي بند رهيون، جڏهن ته روڊن تان ٽريفڪ مڪمل طور غائب رهي ۽ ڪٿي به ڦيٿو نه ڦريو..شھرن نوشھرو فيروز۔مورو ۔ڪنڊيارو ۔ٺاروشاه ۔ڀريا ۔دريا خان مري ھالاڻي ۔نيو جتومي محرابپور۔پڊعيدن ۔ڦل ڀريا روڊجون اڪثر مارڪيٽون ۽ بازارون بند رهيون. دادو ۾ جزوي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب دادو، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز جزوي طور بند رهيا، جنهن ڪري واپاري سرگرميون ۽ روزمرهه جي زندگي سخت متاثر ٿي.تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي گهارو شهر ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال رهي. وارھ ۾ به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي سياسي ڪارڪنن پاران پارٽي جهنڊا هٿن ۾ کڻي شهر جو گشت ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ڪوٽڙي شهر جي مک شاهي بازار، خانپور باريجا چوڪ، لطيف چوڪ، بهار ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني خورسيد چوڪ ٻٻر اسٽاپ خدا جي بستي سميت سمورا علائقا بند رهيا. مويا شهر ۾ گڏيل اتحاد جي مرڪزي سڏ تي مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. لاڙڪاڻي ۾ به تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان سنڌ جي سڏ تي مختلف تنظيمن پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، مجلس وحدت المسلمين پاڪستان طرفان شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته هڙتال سبب شهر جي سمورن علائقن جا پئٽرول پمپ توڙي مک ننڍا توڙي وڏا ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽ، شاپنگ مال سميت اسٽيشن روڊ، ريشم گلي، پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، جناح باغ چوڪ، گجڻ پور چوڪ، جيلس بازار، اناج منڊي، اسٽيشن روڊ، شاهي بازار ڪجھ وقت لاءِ مڪمل طور بند رهيا. حيدرآباد ۾ به شٽربند ھڙتال ۽ ڦيٿاروڪ ھڙتال ڪئي وئي. ھڙتال جي سڏ تي حيدرآباد ۾ قاسم آباد نسيم نگر. ماروي ٽائون. ڀٽائي نگر. ڀٽائي ٽائون. حيدرآباد ٽائون. علمدارچؤڪ. قاسم آباد مين روڊ. وحدت ڪالوني. حسين آباد. ايگريڪلچر ڪامپليڪس. گل سينٽر. بدين اسٽاپ. باچاخان چؤڪ ۽ ھالاناڪه سميت حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رکي ھڙتال ڪئي وئي. جڏھن ته روڊن تي ٽرئيفڪ معمول کان گھٽ رھي حيدرآباد کان ميرپورخاص عمرڪوٽ مٺي ڏيپلو سانگھڙ ھالا سڪرنڊ سکر نواب شاھ ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ۽ ويندڙ مسافر گاڏيون ھڙتال سبب بند رھيون. ميرپورخاص شهر ۾ مڪمل هڙتال رھي ، هڙتال سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر رهيون.قمبر سٽي ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال رهي پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جو شھر جو گشت شهر جا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار اناج مين روڊ سميت اڪثر بازارون بند ٿي. نصيرآباد ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي. هوڏانهن فنڪشنل هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کان اڳ انتظاميا ڇاپا هنيا. 24 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. سردار رحيم چيو ته نتظاميا کي زبردستي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.