اسلام آباد/پشاور (عوامي آواز رپورٽ) وفاقي وزيرن چيو آهي ته پشاور سميت ملڪ جي بين شهرن جي عوام 8 فيبروري تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جي هڙتال واري سڏ کي مڪمل طورتي رد ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير امير مقام ان کي پي ٽي آءِ جي جعلي بيانيي جو جنازو قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪي پي جو عوام پاڪستان سان گڏ رهندي وفاداري جو ثبوت ڏنو. وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي ماڻهن جو ذهن تبديل ڪري ڇڏيو، فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي دليراڻن فيصلن دشمن کي شڪست ڏني. پشاور ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبي جا ماڻهو امن ۽ روزگار چاهين ٿا، انهن ماڻهن جو بيانيو دفن ٿي چڪو آهي، 8 فيبروري جي هڙتال واري سڏ تي ڪنهن ڪن نه ڏنو. دهشتگردي خلاف سڀني کي هڪ ڳالهه ڪرڻي پوندي، هڪ پيج تي اچڻو پوندو. پنهنجي ادارن کي بدنام ڪرڻ سا ملڪ جي خدمت نه ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ته ڦيٿو جام ئي جام ٿي ويو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي عوام نفرت، ڏڦيڙ ۽ ورڇ واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عوام احتجاجي سياست مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ پي ٽي آءِ جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.