پشاور(عوامي آواز نيوز)ن ليگ جي سينئر اڳواڻ زاهد خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي اڄ جي سڏ مان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي۔ هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ وٽ رڳو اهي ئي ٻه آپشن بچيا آهن، يا ته گهرن ۾ ويهي رهي يا وري ڳالهين (مذاڪرات) جو رستو اختيار ڪري۔هن چيو ته سڄي ملڪ ڦيٿاروڪ هڙتال جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام پي ٽي آءِ جي موقف کي قبول ناهي ڪيو،پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ شٽر ڊائون جي سڏ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي۔هن چيو ته خيبر پختونخوا، جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي نه ڪنهن گاڏي کي روڪيو ويو ۽ نه ئي دڪان بند ڪيا ويا،اڄ جي سڏ دوران صوبي جي عوام جي مخالفت پي ٽي آءِ لاءِ هڪ وڏو سواليا نشان آهي۔