خضدار ۾ هٿياربندن جو حملو، هندو واپاري سميت 3 ڄڻا قتل

خضدار (رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ هندو واپاري سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. پوليس موجب،  خضدار جي نال واري علائقي ۾ حملو ڪيو ويو، مارجي ويل ۽ زخمي وڍ سنا واسطو رکن ٿا جيڪي پڪنڪ تي آيل هئا. مارجي ويلن ۾ هڪ جي سڃاڻپ مالومل ۽ ٻين جي عبدالرشيد ۽ عبدالصبور طور ڪئي وئي. زخمين کي طبي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مارجي ويلن جي مائٽن ۽ ٻين حملي خلاف احتجاج طور ڪوئيٽا ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هاءِ وي  بلاڪ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.