ضياءُ الحسن لنجار کي پوليس کي رمضان ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس کي رمضان المبارڪ دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فول پروف انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس ڪنٽي جينسي پلان جوڙي ۽ رمضان المبارڪ ۾ امن امان جي حوالي سان فول پروف انتظام يقيني بڻايا وڃن.
هن چيو ته سڀني ضلعن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکي وڃي، مسجدن ۽ امان بارگاهن تي خاص پوليس نفري مقرر ڪئي وڃي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مارڪيٽن، شاپنگ ايرياز ۽ رش وارين جاين تي به واڌو نفري جي مقرري يقيني بڻائي وڃي ۽ ڦر جي وارداتن جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.