ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ افغانستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

چنئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم افغانستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
گروپ ڊي جي اها ميچ ڀارتي شهر چنئي ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ افغانستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.
گلبدين نائب 63، صديق اتل 29، گرباز 27 ۽ درويش رسولي 20 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان فرگوسن 2، ڊفي، هينري ۽ رويندرا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڪيويز گهربل هدف 18هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ٽم سائفرٽ 65، فلپس 42، چيپمين 28، ڊيرل مچل 25 رنسن جي اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.