سوشل ميڊيا جو جنون موت بڻجي ويو، ڦاهيءَ جي منظر جي وڊيو ٺاهيندي عورت حياتي وڃائي ويٺي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ عورت سوشل ميڊيا لاءِ وڊيو ٺاهي حياتي وڃائي ويٺي.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي بانڊا ۾ 27 ورهين جي موهني پنهنجي گهر ۾ وڊيو ٺاهي رهي هئي.
گهر ڀاتين ٻڌايو ته موهني ڦاهيءَ جي منظر جي وڊيو رڪارڊ ڪري رهي هئي، جنهن لاءِ پنهنجي ڳچيءَ ۾ رسو وڌو ۽ اسٽول تي بيهي وڊيو ٺاهڻ لڳي.
ان دوران موهني جو توازن بگڙي ويو ۽ اسٽول هيٺان نڪرڻ سبب هوءَ رسو سوڙهو ٿيڻ جي ڪري فوت ٿي وئي.
واقعي جي خبر تڏهن پئي، جڏهن موهني جي 4 ورهين جي ڌيءُ ماءُ کي ڪمري ۾ لڙڪندي ڏٺو، سندس رڙين تي ٻيا گهر ڀاتي به پهچي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي وئي ۽ لاش کي اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.