حيدرآباد: سردار علي لغاري فائونڊيشن پاران مفت طبي ڪيمپ قائم

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سردار علي لغاري فائونڊيشن پاران باءِ پاس ڪالوني هالا ناڪي وٽ مفت طبي ڪيمپ قائم ڪري غريب ۽ لاچار ماڻهن جو طبي معائنو ڪري کين دوائون ڏنيون ويون.
حيدرآباد جي پٺ تي پيل هن علائقي واسين مفت طبي ڪيمپ جو فائدو وٺندي مختلف بيمارين جون ٽيسٽيون ڪرايون، خاص طور شگر، بلڊ پريشر ۽ ننڍي عمر جي ٻارن جو چيڪ اپ ڪرائي علاج ورتو.
طبي عملي موجب پٺ تي پيل علائقن ۾ مفت طبي ڪيمپون قائم ڪرڻ سان غريب ماڻهن کي وڏو فائدو رسي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.