ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو نئون سلسلو اڄ ملڪ ۾ داخل ٿيندو، جنهن تحت ڪراچي ۾ هوائن جي رفتار وڌي سگهي ٿي.
موسميات کاتي چيو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بدين ۽ ٺٽي ۾ به هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي.
You might also like