اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي سموري منصوبا بندي داعش افغانستان ڪئي، حملي جو ماسٽر مائينڊ اسان جي حراست ۾ آهي ۽ سي ٽي ڊي واقعي سان لاڳاپيل سڀئي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جي سڄي فنڊنگ ڀارت ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي بجيٽ وڌائي آهي، جڏهن ٻين ملڪن کي به ڀارت سبب تڪليف پهچندي ته ڀارت خلاف آواز اٿندو ۽ هڪ ڏينهن هر ملڪ ڀارت جي خلاف ڳالهائيندو.
هن چيو ته نوشهرا ۽ پشاور مان چار سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن، سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه گرفتاري ۾ مدد ڪئي، ماسٽر مائينڊ جو تعلق پابندي پيل تنظيم داعش سان آهي ۽ هو اسان جي حراست ۾ آهي، اسان وٽ ثبوت موجود آهن ته حملي آور کي ڪيئن آندو ويو، ڇاپي دوران خيبرپختونخواهه جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ ڪجهه زخمي ٿيا، حملي جي منصوبابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي ۽ دهشتگرد کي اتي ئي تربيت ڏني وئي.
گهرو وزير عوام کي اپيل ڪئي ته ملڪ جنگي حالت ۾ آهي، ڪميونٽي انٽيليجنس انتهائي اهم آهي، افغانستان مان 21 دهشتگرد تنظيمون آپريٽ ٿي رهيون آهن، دعويٰ سان چوان ٿو ته هڪ ڌماڪو ٿيو پر 99 ڌماڪا روڪيا به ويا آهن.
محسن نقوي چيو ته دهشتگردن کي سمورا هدف ڀارت ڏئي رهيو آهي ۽ مڪمل فنڊنگ به ڀارت ڪري رهيو آهي، اڳ جنهن دهشتگرد کي 500 ڊالر ملندا هئا، هاڻي 1500 ڊالر ڏنا پيا وڃن، مئي ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دهشتگردي لاءِ بجيٽ ٽيڻي ڪري ڇڏي آهي، ڀلي دهشتگردن جي بجيٽ ڏهوڻ ڪيو اسان انهن کي روڪينداسين، هن ڀيري بلوچستان ۾ جيڪي حملا ٿيا، انهن مان ڪو به بچي نه سگهيو، بي ايل اي وڊيوز ٺاهي ٿي، جيڪي ڀارتي ميڊيا تي هلن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته دشمن دشمن هوندو آهي، دشمن جون ڪيٽيگريون ناهن ٿينديون، پاڪستان خلاف جنگ ڪندڙن کي ڪيٽيگرين ۾ نه ورهايو وڃي، جيڪڏهن دنيا آواز نه اٿاريندي ته پوءِ نقصان کائيندي، دهشتگرد تنظيمون گڏجي ڪارروايون ڪري رهيون آهن، اسان ڪيترائي سوشل ميڊيا اڪائونٽ پڪڙيا آهن جيڪي دهشتگرد استعمال ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي چيو ويو آهي ته اهي اڪائونٽس بند ڪن نه ته ٻيا آپشن اختيار ڪيا ويندا، اسان ڪڏهن به دهشتگردي جي حمايت ناهي ڪئي.
هن چيو ته مان سيڪيورٽي ادارن جون ننڍيون ضرورتون به پوريون نٿو ڪري سگهان، اسلام آباد جا 93 داخلا رستا آهن، پوءِ ريڊ زون آهي، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي 80 سيڪڙو نفري 50 ورهين کان وڌيڪ عمر واري آهي.
افغانستان مان 21 دهشتگرد تنظيمون آپريٽ ٿي رهيون آهن، هدف ڀارت ڏئي رهيو آهي: محسن نقوي
You might also like