ڇا مسلسل کنگهه ڳلي جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿي؟ ڄاڻيو ماهرن جي راءِ

ڳلي جي خرابي، کنگهه، آواز جي تبديلي، اهي سڀ مسئلا موسم جي تبديلي يا ڳلي ۾ انفيڪشن سبب ٿيندا آهن جلد حل به ٿي ويندا آهن.
پر ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي مسئلا ڪيترن ئي ڏينهن تائين برقرار رهن ته انهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها ڳلي جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿي.
اچو ته ڄاڻون ڳلي جي ڪينسر جون علامتون ڪهڙيون آهن
ڳِهڻ ۾ ڏکيائي:
ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهو کي ائين محسوس ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڳلي ۾ ڪا شئي ڦاسي پئي آهي يا کين ڪا شئي ڳهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي، ان کي Dyspghagia چوندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڳلي ۾ رسولي غذائي نالي تي دٻاءُ وجهندي آهي، جيڪڏهن توهان کي ڳهڻ ۾ مسلسل تڪليف پيش اچي رهي آهي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
وزن ۾ غير معمولي لاٿ:
ماهرن جو چوڻ آهي ته وزن ۾ غير معمولي لاٿ ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿي، ڪينسر بک ۾ گهٽتائي ۽ جسم جي ميٽابولزم ۾ تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
مسلسل کنگهه:
ماهرن موجب مستقل کنگهه ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڪينسر سبب ڳلي ۾ ساڙو يا رنڊڪ مستقل کنگهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ڪن ۾ سور:
هڪ تحقيق موجب ڪن جو غير واضح سور ڳلي جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿو، اهو خاص طور شروعاتي مرحلن ۾ عام آهي، ان سان مسلسل تڪليف، تمام گهڻو سور يا ڪن ۾ بي حسي ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.