يادگار اننگز کيڏڻ کانپوءِ فهيم اشرف ڇا چيو؟

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ فهيم اشرف چيو آهي ته اسان ورلڊ ڪپ کيڏي رهيا آهيون، ان ۾ هر اننگز يادگار هوندي آهي، هيءَ منهنجي نه سڄي پاڪستان جي يادگار اننگز آهي.
ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فهيم اشرف چيو ته رنسون نه ٺهي رهيون هيون پر مان دٻاءُ ۾ نه هيس، ميچ ۾ سڀ پرفارم ناهن ڪندا، جيڪي اڄ پرفارم نه ڪري سگهيا اهي اڳتي ڪندا.
هن چيو ته آءِ سي سي ايونٽ ۾ اها منهنجي بهترين اننگز آهي، مداحن کي چوندس ته دعا ڪيو ۽ سپورٽ ڪيو، اسان مداحن کي خوش ڪرڻ چاهيون ٿا.
واضح رهي ته فهيم اشرف نيدرلينڊز خلاف ميچ ۾ اهم موقعي تي 11 بالن تي 29 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.