پاڪستاني شهري طالبان خان جي سوچ جي لوڙ لوڙي رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي واپس آئي آهي، جنهن جي پويان پي ٽي آءِ آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردن جو ڪو دين ۽ مذهب ناهي، انهن جو نظريو رڳو دهشت پکيڙڻ آهي، مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين مرڪزن جي حفاظت لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته آپگهاتي حملي آور افغانستان ويو هو، اسان هر حال ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪنداسين، دهشتگردن لاءِ ڪا گنجائش ناهي، انهن جو خاتمو ڪري ساهه پٽينداسين.
سندس چوڻ هو ته آپگهاتي حملا ختم ٿي ويا هئا، پوءِ هڪ حڪومت آئي، ڪنهن چيو هو ته اهي پرامن ماڻهو اسان جا ڀائر آهن، انهن سان ڳالهائڻ گهرجي، اڄ پاڪستاني شهري طالبان خان جي سوچ جي لوڙ لوڙي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.