اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد جي افغاني ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪيو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب گذريل ڏينهن اسلام آباد جي علائقي ترلائي ڪلان ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پشاور ۽ نوشهرا ۾ ڇاپا هڻي مختلف گرفتاريون ڪيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ٽيڪنيڪل ۽ هيومن انٽيليجنس بنياد تي ڪيا ويا، جنهن ۾ آپگهاتي حملي آور جي 4 سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب آپگهاتي حملي جو ماسٽر مائينڊ افغان شهري هو، جنهن جو واسطو ڪالعدم داعش سان هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like